شير محمد مري

شير محمد مري

شير محمد مري

شير محمد مري: شير محمد عرف شيروف مري بلوچستان جو سياسي ۽ گوريلا اڳواڻ ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيدان خان مري هو. سندس تعلق مرين جي بجاراڻي پاڙي جي ‘نهالان زئي’ خاندان سان هو. هن جو والد سيدان خان قبيلائي تڪرار سبب بلوچستان ڇڏي افغانستان ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. شير محمد مري ۽ سندس ڀائر به پنهنجي والد سان گڏ افغانستان ويا، جتان سندن چاچو شربت خان کين واپس بلوچستان وٺي آيو ۽ سندن پرورش ڪيائين. شير محمد خان جي ننڍن ڀائرن مير بهرام خان، مير هزار خان، ملازمت خان ۽ مير ڪرم خان زمينداري اختيار ڪئي، جڏهن ته مير شير محمد خان سياست ۾ پير پاتو. هن شروع ۾ مزدوري ڪئي ۽ ڊرائيوري پڻ ڪيائين. جڏهن بلوچن سان ناانصافيون ٿيندي ڏٺائين ۽ بلوچستان جا وسيلا سردارن جي قبضي ۾ هجڻ خلاف مظلوم بلوچن جي آواز کي دٻايو ويو، تڏهن هن 1946ع ۾ مير نهالان خان سان گڏجي ‘مظلوم پارٽي’ جو بنياد رکيو. جنهن جو مقصد سردارن پاران ٿاڦيل جبري ٽيڪس ۽ ناانصافين جي خلاف جاکوڙ ڪرڻ هو. سندس پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ان ئي سال ڪوهلو ۾ ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان سبب کيس گرفتار ڪيو ويو.مير شير محمد خان جي گرفتاريءَ جي خلاف سندس حامين سرڪاري ڪئمپ تي حملو ڪري نقصان رسايو. کيس ٻن سالن بعد 1948ع ۾ آزاد ڪيو ويو. هن ڪجھه عرصو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سياست ڪئي، پر پوءِ اتان نا اميد ٿيو. پاڪستان جي قيام بعد ايوب خان جي حڪومت ۾ بلوچن خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون ويون، لاتعداد بلوچن کي قتل ڪيو ويو ۽ سندن وسيلن تي قبضا ڪيا ويا، تڏهن شير محمد مري باغي بلوچن کي گڏ ڪري، ڪئمپون قائم ڪري، فوج جي خلاف هٿياربند ويڙهه ڪئي. سندس ويڙهه ۾ سياسي طريقي سان نواب خير بخش خان مري حمايت ڪندو رهيو. کيس بهادري ۽ جرئتمنديءَ سان جدوجهد ڪرڻ تي بلوچن پاران ’جنرل شيروف‘ جو لقب ڏنو ويو. هو يارهن سالن تائين مسلسل جبلن ۾ رهي سرڪار خلاف گوريلا ويڙهه ڪندو رهيو، جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا جيل ويو. 1973ع ۾ حيدرآباد سازش ڪيس ۾ گرفتار ٿيو، جتان ضياءُ الحق جي مارش لا واري دؤر ۾ 5 فيبروري 1978ع تي آزاد ٿيو. 1980ع ۾ مير شير محمد مري ڪابل ويو ۽ اتان واپس بلوچستان آيو، پر ملڪي حالتون سندس حق ۾ نه هجڻ سبب کيس وري جبلن تي چڙهڻو پيو.
هو بلوچي، سنڌي، اردو کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندو هو، پاڻ هڪ سٺو اديب به هو، سندس لکيل ڪتابن ۾ ‘بلوچي زبان و ادب ڪي تاريخ’، ‘بلوچي اردو لغت’ ۽ ‘بلوچي شاعري’ شامل آهن.
مير شير محمد مري علاج سانگي دهليءَ ويو، جتان علاج ڪرائي واپس موٽڻ کان چند ڏينهن پهريان 11 مئي 1993ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو، سندس لاش بلوچستان آڻي نيوبيا ڪوهلو ۾ دفن ڪيو ويو. سندس زندگيءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ منصور قادر جوڻيجي هڪ ڪتاب ’جنرل شيروف‘ جي عنوان سان لکيو آهي.


لفظ شير محمد مريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو